سونو مل کنگهاراڻي

سونو مل کنگهاراڻي: ڊاڪٽر سوني مل کنگهاراڻيءَ، تعلقي مٺي، ضلعي ٿرپارڪر جي ڳوٺ مٺڙيي سومرا، والم ميگهواڙ جي گهر ۾، 2 مارچ 1956ع تي جنم ورتو. سندس وڏن جو آبائي ڳوٺ سڙهه، تعلقو ڏيپلو هو، شاديءَ بعد سندس والد والم گذر معاش جي لحاظ کان پنهنجي ساهراڻي ڳوٺ مٺڙيي سومرا ۾ اچي رهيو، جتي سوني جي پڙهائي ۽ پررش جو ذمو سندس مامي لالو مل کنيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ مٺڙيو سومرا مان حاصل ڪئي، انگريزي تعليم مڊل تائين چار ڪلوميٽر ڳوٺ کان پري، ڳوٺ کاکڻهار رحم عليءَ ۾ پيرين پنڌ ڪري حاصل ڪئي. مـئٽـرڪ هاءِ اسڪول مٺيءَ مان سال 1974ع ۾، انٽر حيدرآباد مان ايگريڪلچر سائنس ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾، 1976ع ۾ پاس ڪري، 1981ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊي ڄام مان ڊي. وي ايم (DVM) جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊگريءَ جي حاصلات بعد ساڳيءَ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار ٿيو، جتان ڪجهه وقت کانپوءِ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ داخل ٿيو ۽ مختلف خدمتون سرانجام ڏيندي غير سرڪاري اداري NRSP ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ سماجي جاڳرتا ۽ چوپائي مال جي انتظامڪاريءَ جون خدمتون سرانجام ڏنائين. ’سيو دي چلڊرين‘ (Save The Children) پاران ٿر ۾ شروع ڪيل پروجيڪٽ ٽي. آر. ڊي. پي ۾ نوڪري ڪيائين. ان پراجيڪٽ جي ’ٿرديپ رورل ڊيولپمينٽ پروگرام‘ (TRDP) طور رجسٽرڊ ٿيڻ کانپوءِ سونو کنگهاراڻي اُن جو پهرين ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ پوءِ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ٿيو. هڪ ڏهاڪي تائين پاڻ ان عهدي تي فائز رهڻ کانپوءِ ٿرديپ مان استعيفا ڏئي، اتر سنڌ جي 9 ضلعن ۾ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان قائم ڪيل اداري ’سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن‘ (SRSO) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر طور ذميواريون سنڀاليائين، جتي ڪجهه سال خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپوءِ هن وقت هڪ ٻئي اداري Hisaar Foundation جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر آهي.
ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻي، ملڪي توڙي غير ملڪي فورمن تي پيڙيل طبقن جي نمائندگي ڪئي آهي ۽ تمام گهڻو غير ملڪي سفر ڪيو آهي. غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ طبقاتي پسمنظر رکندڙ سوني مل ترقيءَ بابت جيڪي خواب ڏٺا هئا، انهن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ هو ڏينهن رات سرگرم عمل آهي. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان، 2009ع ۾، کيس صدارتي اوارڊ سان نوازيو. ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻيءَ کي ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو